اُداسيءَ جي موسم

اُداسيءَ جي موسم
هن سال جنوري پنهنجي جوڀن جو احساس شدت سان ڏياريو ٿڌڙيون هوائون سرديءَ جي مستيءَ۾ ويتر واڌارو ڪنديون رهيون سالن کان شاعرن ۽ اديبن جي نظم و


هن سال جنوري پنهنجي جوڀن جو احساس شدت سان ڏياريو ٿڌڙيون هوائون سرديءَ جي مستيءَ۾ ويتر واڌارو ڪنديون رهيون سالن کان شاعرن ۽ اديبن جي نظم و نثر جو عنوان بنجندڙ ڊسمبر مهيني جي سرد ۽ طويل راتين جا احساس به هن مهيني هٿان مات کائيندي ڏٺم،
انسان جي جسم ۾ گردش ڪندڙ گرم خون کي به بحر منجمند جيان برف بنائيندڙ سائيبيريا کان ايندڙ سياري جي هنن هوائن من اندر ۾ اداسيءَ جا انيڪ احساس جاڳائي ڇڏيا ، اهي ايذائيندڙ احساس جيڪي هميشه ٿڌڙين هوائن جي هن رُت ۾ دلين جي ويران جزيرن ۾ جاڳي پوندا آهن ۽ منتظر ۽ اُداس اکين جي ٿَڪَ ۽ اوجاڳن جو ڪارڻ بنبا آهن.
زندگيءَ جي رڃَ ۾ رلي ويل پياسن روحن کي هن موسم جي آمد الائي ڇو اڃا به وڌيڪ اُڃارو ڪري ڇڏيندي آهي ،ائين لڳندو آهي ته وقت جي پيرن ۾ پنجوڙ پئجي ويا آهن ۽ ڊگهين راتين جا طويل سفر صدين تي محيط ٿي وجود کي وڍڻ لڳندا آهن
خبر نه آهي ته سِيءَ ۽ سُورن جو پاڻ ۾ ڪهڙو ناتو آهي جو ازل کان هي موسم انسان جي زندگيءَ ۾ اداسي ۽ اڪيلائپ جي احساسن جي جاڳڻ جو جواز بنجندي آئي آهي.
مون هميشه محسوس ڪيو آهي ته ماضي جا بند ٿي ويل باب هن موسم جي هير گهلڻ سان وري کلي پوندا آهن ،ساھ جا اهي گهاءَ جيڪي وقت جي مرهم سان ڪنهن حد تائين ڀرجي ويندا آهن سي چِڪِي وري بي چين ڪري وجهندا آهن
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
بڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com

67 Views